پھتا وتائي تائين ڪونہ. يڪدم الله کي ڪيئن رسيا.
پھتا وتائي تائين ڪونہ. يڪدم الله کي ڪيئن رسيا
ٻيڙيءَ مان لٿل ماڻھن وتائي کي چيو تہ ھاڻي ڳوٺ ڪيئن پھچبو؟ وتائي چيو تہ پھچڻ تمام سولو آهي ھنن چيو تہ ڪيئن؟ وتائي چيو تہ توهان کي آءٌ کنڀڙاٽين کان ٿو جھليان، پاڻي مٿان ھلنداسون توهان سمورو وقت وتايو وتايو ڪندا ھلجو اميد تہ درياه جي ٻئي ڪناري پھچي وينداسون. وتائي ٻنهي کي کنڀڙاٽين کان پڪڙيو ۽ ھو وتايو وتايو ڪندا ھليا پئي ۽ وتايو الله الله ڪندو پاڻي مٿان پئي ھليو اوچتو ھمراھن کي خيال آيو تہ ٻڌئون تہ سھي وتايو ڇا ٿو چوندو ھلي سو ماٺ ڪري پئي ٻڌائون وتايو تہ الله الله ڪندو پاڻي مٿان پئي ھليو پوءِ دل ۾ خيال آين تہ وتايو الله الله پيو ڪري تہ ڇو نہ اسين بہ الله الله ڪريون اڃان ايترو چيائون تہ ٻئي ايترا ڳورا ٿي پيا جو وتائي کڻي ھٿ ڪڍين تہ ٻڏڻ لڳا. ان تي وتائي فقير کين چيو تہ پھتا وتائي فقير تائين ڪونہ يڪدم الله کي ڪيئن رسيا
Comments
Post a Comment